ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري مزاحيه فنڪار عمرشريف کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ واري معاملي تي سنڌ جي صحت کاتي ناڻي واري وفاقي وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي، صحت کاتي پاران خط ۾ ناڻي واري وزارت کان هڪ لک 69هزار 800 آمريڪي ڊالر فارن ايڪسچينج بجيٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته آن ڪال انٽرنيشنل ايئر ايمبولنس ذريعي عمرشريف کي آمريڪا موڪليو ويندو، فارن ايڪسچينج بجيٽ جي رقم صحت کاتي کي وفاقي ناڻي واري وزارت فراهم ڪندي، هوائي حدن ۽ ايوي ايشن جو معاملو وفاق جي دائري ۾ اچي ٿو، ايئرايمبولنس لاءِ معاملن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو.