عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ جشن ديوالي ميوزيڪل پروگرام ۾ نوجوانن ۽ عوام جو وڏو انگ شريڪ ٿيو وھرو باءِ پاس لڳ ھڪ نجي ھال جي کليل گرائونڊ تي منعقد ٿيل ھن خوبصورت جشن ديوالي تقريب ۽ پروگرام ۾ ڪمال ساجن ۽ انجنيئر تيرٿ سجن ڪمار جي سھڪار سان نالي وارن فنڪارن ۽ آرٽسٽن حصو ورتو جن ۾ ناليوارا مزاحيه فنڪار اصغر کوسو، سھراب سومرو، علي گل ملاح ۽ فنڪاره دعا ميمڻ فن جو مظاھرو ڪيو، ڀوڳ چرچن ۽ سرسنگيت سان ھن پروگرام کي چارچنڊ لڳي ويا، آرٽسٽ اصغر کوسو چيو ته اسين فنڪار پنھنجا ڏک درد ۽ لڙڪ لڪائي عوام جي چھرن تي مرڪون آڻيندا آھيون، جشن ديوالي تقريب ۾ تيرت سجن ڪمار، نرمل ميگھواڙ، پنھون مل، ڏاھو مل، ڏوٿي ايڊووڪيٽ لالا ڀيل، ڀيشم سوني سجاد ڪنڀر، عبدالجبار ڪنڀار ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. خوبصورت گيتن تي نوجوانن جو رقص جاري رھيو ۽ رات دير هو جمالو ڳائي جشن ديوالي تقريب جي پڄاڻي ڪئي وئي.