عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري)عمرڪوٽ ضلعو پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي بدترين صورتحال جي ور چڙھيل، چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا پر اسرار طور خاموش، عوام زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان، پاڻي جي چوري، سينا زوري ۽ لاقانونيت جو عروج، آبپاشي کاتي جا ايس ڊي اوز، داروغا ۽ ٽنڊيل ملي ڀڳت سان ڳري رشوت عيوض پاڻي وڪڻڻ لڳا، ھر طرف ڪربلا جھڙو منظر, ڪو تدارڪ نه ٿيو. تفصيلي رپورٽ موجب لکين انسانن جي آبادي وارو ضلعو ننڌڻڪائپ ۽ لاوارثي جي ور چڙھيل آھي، فرش ريگيوليٽرکان هيٺ ٿر ڪئنال ڪرنا موري تائين 13 ميل ڊگهي ڪئنال مان ڪُل 9 برانچون نڪرن ٿيون جن ۾ ڍورونارو ڊسٽري، عطائي ڊسٽري، ڇورواھه، مانڌل ڊسٽري، ڪوٽ واھه، ڳموري ڊسٽري، ڪرنا مائينر، نور واھه ۽ ٿرٽيل ڊسٽري شامل آھن، ٿر ڪئنال جي ان ڪمانڊ ايريا تي هڪ لک37 هزار 950 ايڪڙ زمين موجود آهي جتي ڪُل 330 واٽر ڪورس پاڻي کڻن ٿا.

مليل ڄاڻ موجب سسٽم ۾ رواني سان پاڻي جو فلو ھوندي به ٿر ڪئنال جي واهن ۽ شاخن تي جيڪي عمرڪوٽ سب ڊويزن سان تعلق رکن ٿيون اتي پاڻي جو وارو مهيني جي وارا بندي سان ملي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ آبادگارن پاران فصلن تي ڪيل ڪروڙين روپيا خرچ به ٻُڏي ضايع ٿي رھيا آھن. هارين ۽ آبادگارن جا فصلن تي ڪيل خرچ به نٿا نڪرن ويتر قرضي بڻجي ويا آھن، مرچ، ڦُٽي، سبزيون، سائو گاھه جي فصل سميت ٻين زرعي فصلن کي وقت سر پاڻي نه ملڻ جي نتيجي ۾ فصل سوڪھڙي جي ور چڙھي ويا آھن. جڏهن ته معلومات موجب ناراڪئنال پنهنجي حصي جو پاڻي کڻي پيو ۽ چوٽياريون ڊيم 16 فٽن تائين ڀريل ٻڌايو پيو وڃي. ذريعن موجب پاڻي موجود ھوندي سوندي عمرڪوٽ ضلعي جي آبپاشي سب ڊويزن کي ڪامورا بااثر زميندارن سان ملي هٿ سان سڪائي رھيا آھن، زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پنھنجي جاءِ تي پر پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ سبب بحران واري صورتحال بڻيل آھي جنھن سبب ڍورونارو جاگيت، ماکيارو، ڇور، نيوڇور، انڙآباد حويلي، سميجا، ٺڪر، وساڻ، ڀيل، نونھيون، سومرا، صوفي دڙو، امين فقير، سڻوھي، اکيراج، کيت سنگھه سميت سب ڊويزن جي 100 جي لڳ ڀڳ ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي واري شديد کوٽ جي ور چڙھيل آھن، نتيجي ۾ ڳوٺاڻا زير زمين پاڻي ٽيوب ويلن، کوھن ۽ نلڪن جي پاتال جي پاڻي تي گذارو ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن

 پاڻي چوري روڪڻ بابت انجنيئر ۽ پوليس جي موقف ۾ تضاد

عمرڪوٽ: زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ بابت رابطو ڪرڻ تي انجنيئر نارا شان ملاح ٻڌايو ته لوئر نارا ۾ ڪٿي کوٽ ناھي ڪا شڪايت ھجي ته نشاندھي ڪريو. ھن چيو ته کاٽي ضرورت آھر ٿئي ٿي پاڻي چوري روڪڻ پائيپن ۽ گندين توڙي موڳا ۽ ماڊيول ٽٽل ھجڻ جي نشاندھي تي ڇاپا ھڻي ڪارروائي ڪريون پيا، پٿورو سب ڊويزن ۾ اھڙي ڪارروائي ڪئي آھي جڏھن ته ايس ايچ او پٿورو جو چوڻ ھو ته پاڻي چوري يا غيرقانوني پائيپن جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ آبپاشي کاتي جو ڪو به ملازم ناھي آيو.

آبپاشي ايس ڊي او هٿرادوکوٽ بابت ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيو

عمرڪوٽ: ايس ڊي او آبپاشي سب ڊويزن عمرڪوٽ اجئه ڪمار ٻڌايو ته آئون نئون نئون آھيان مونکي گھڻي خبر ناھي باقي ڪوشش آھي ته سب ڊويزن ۾ پاڻي کوٽ کي ختم ڪريون. ھن چيو ته مھيني جي وارا بندي جو سلسلو به اڳ جو آھي واقعي نارا ڪئنال مان پاڻي ڊسچارج جو ريشو 13700 ڪيوسڪ آھي پر فلو ناھي ان جا ڪي سبب آھن، ڇور واھه في الحال بند ڪيل آھي ڪوٽ واھه ھلي پيو. پاڻي جي چوري آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت ۽ ھٿرادو کوٽ بابت پڇيل سوال جو ايس ڊي او آبپاشي سب ڊويزن عمرڪوٽ وٽ ڪو به جواب ڪونه ھو.

نارا ڪئنال جي 3 سالن کان کاٽي نه ٿي، مٽي جا تهه ڄمي ويا: ڪروڙين رپيا هڙپ

عمرڪوٽ: مليل ڄاڻ موجب لوئر ناراڪئنال جي کاٽي ٿئي کي 3 سال گذري ويا آھن ۽ آبپاشي کاتي جا ڪامورا رڳو مبينه طور کاٽي جي بجيٽ ھڙپ ڪندا رھيا پر عملي طور آبپاشي کاتو ٽن سالن ۾ ھڪ ڀيرو به کاٽي نه ڪرائي سگھيو آھي. لوئر ناراڪئنال جي آخري فرش ريگيوليٽر ڍورونارو کان هڪ ڪلو ميٽر مٿي جي حالت اھا آهي جو مٽي جا تھه ڄمي ويا آھن. مٿي پڪسري سانگهڙ تائين به حالت انتھائي خراب بڻيل آھي. گند گاھه ۽ مٽي جا ڍير ٿي ويا آهن، لوئر نارا ڪئنال ڄڻ مال جو وٿاڻ پيو لڳي. اھڙي صورتحال ۾ ٿر ڪئنال جو صرف هڪ دروازو کليل رھجي ويو آهي، پاڻي سسٽم ۾ هوندي لوئر ناراڪئنال ۾ اھڙي حالت ۾ گهارا پوندا رھن ٿا، ان جو ڪارڻ مٽي ۽ گند گاھه ڄميل ھئڻ نتيجي ۾ پاڻي پڇڙي ۾ وڌيڪ نه پيو ڇڏيو وڃي.

اسانکي گهٽ ۾ گهٽ 21 هين ڏينهن پاڻي ڏنو وڃي: ڀوم سنگهه سوڍو

عمرڪوٽ:انڊس ايگريڪلچر فورم جي اڳواڻ ۽ نوجوان آبادگار ڀوم سنگھه سوڍو ان بابت ٻڌايو ته اسان جي زندگي جو وجود ناراڪئنال جي پاڻي سان ٻڌل آهي پاڻي بنا زندگي ڪھڙي، هن چيو ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ايڪويهين ڏينھن تي پاڻي ڏنو وڃي جيڪڏھن سرڪار صرف ٻه مهينا مئي ۽ جون ۾ محنت ڪري ته اها کوٽ به ختم ٿي ويندي ۽ جولاءِ کان برساتون شروع ٿينديون.

مانڌل شاخ ٻن مهينن بعد کلڻ باوجود پاڻي نه پهتو

عمرڪوٽ: ٻن مھينن بعد کليل مانڌل شاخ ۾ پاڻي فلو رفتار جي حالت اھا آھي جو ٻه ڏينهن ٿيا آهن پر پاڻي نٿو پهچي.

سنڌ حڪومت کاٽي جي مد ۾ ڪروڙين رپيا جاري ڪري چڪي

عمرڪوٽ:ڀل صفائي مھم توڙي ڪئنالن واھن شاخن جي کاٽي جي مد ۾ ضلعي عمرڪوٽ جي آبپاشي ڪامورن کي مبينه طور ڪروڙين روپيا سنڌ حڪومت جاري ڪندي رھي ٿي پر کاٽي گذريل ٽن سالن کان نه ٿي سگھي آھي