عمرڪوٽ (رپورٽر) 8 جنوري تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي ٿرپارڪر واري رٿيل دوري کان اڳ عمرڪوٽ جي  هيلٿ کاتي جي عملدارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آهي، جڏهن ته اسپتالن جي به رنگ روغن ۽ صفائي سٿرائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر محمد جمن باھوٽو گذريل ٽن ڏينهن کان عمرڪوٽ ضلعي ۾ هئڻ ڪري سندس ھدايتن تي سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ عملي جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ خاطر ڪجھه اضافي ڊاڪٽر ۽ پئرا ميڊيڪل اسٽاف پڻ مقرر ڪيو ويو آھي،