عمرڪوٽ: دودو ڀيل جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

0
237

عمرڪوٽ:ٿر ڪول ايريا ۾ قتل ٿيل دودو ڀيل قتل ڪيس واري مامري ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڀيل انٽيلڪچوئل فورم پاران سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بي آء ايف اڳواڻن ڊاڪٽر پرکو مل رانجھن ڀيل سريش ۽ چنيسر ڀيل عمرڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جوابدارن جي گرفتاري لاء 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ھو پر گرفتاري عمل ۾ نه آئي، هنن چيو ته دودو ڀيل کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، ايس ايس پي ٿرپارڪر به پردا پوشي پيو ڪري احتجاج جاري رھندو سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ بي آء ايف ڪارڪن مظاھرا ڪن.