عمرڪوٽ(رپورٽر)غوثيه چوڪ عمرڪوٽ جي رھواسي نھڙي برادري سان تعلق رکندڙ مردن عورتن پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو بااثر خلاف احتجاجي مظاھرو  ڪيو،ان موقعي تي ان موقعي تي ڳوٺاڻي حبيب الله نھڙي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس 13 سالن جو ٻارڙو محسن ولد نھڙي ھڪ مڻ چرس جي مبينه ڪوڙي ڪيس ۾ 13 مھينن کان جيڪب آباد جيل ۾ قيد آھي گرفتار ٻارڙي محسن نھڙي جي والد حبيب الله نھڙي ۽ والده ٻڌايو ته اسان جو پٽ بيگناھ آھي کيس رمضان نھڙي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو آھي رمضان نھڙي مک جوابدار آزاد ٿي ويو ۽ اسانجو معصوم پٽ محسن 13 سالن جو گذريل 13 مھينن کان جيڪب آباد جيل ۾ آھي رمضان نھڙي احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪائي پيو ته خاموش ٿيو نه ته اوھانجي پٽ تي وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندس اسان جي معصوم پٽ کي پاڻ سان گڏ کڻي ويو ۽ اڳتي وڃي چرس جي ڪيس ۾ پوليس گرفتار ڪيو ته ھن اسانجي پٽ کي به پاڻ سان گڏ شامل ڪرائي ڇڏيو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.