اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني، شاهه مود قريشي، شيخ رشيد ۽ ٻين کي بري ڪري ڇڏيو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جڊيشل ماجسٽريٽ ياسر محمود محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ باني کي توشه خانه ڪيس ۾ نااهل قرار ڏيڻ خلاف مظاهرن ۽ ڀڃ ڊاهه جو آبپاره ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عدالت ڪيس ۾ نامزد شهريار آفريدي، فيصل جاويد، اسد قيصر، راجا خرم نواز ۽ علي نواز اعواڻ کي به آجو قرار ڏئي ڇڏيو