اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان ريلي ڪڍي ٿو ته ٺيڪ آهي، باقي عدالت ۽ پوليس سامهون پيشي کان بچڻ لاءِ پلستر ٻڌي ٿو ڇڏي ۽ بالٽي چاڙهي ٿو ڇڏي. هن چيو ته عدالتن ۾ پيشي جي موقعي تي عمران بيمار ٿي پيو آهي، شوڪت خانم مان ڪوڙي رپورٽ ٺهرائي آهي، 10 ڏينهن آرام جو مشورو اصل ۾ ڪيسن کان بچڻ جو مشورو آهي، وفاقي وزير چيو ته جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ايندي ئي عمران نيازي کي بيماري جو دورو پئجي ويو، عمران نيازي کي توشا خانه، ٽيريان جي پيءُ، فارين فنڊنگ، فارين ايجنٽي سميت ٻين چورين جي ڪيسن ۾ جواب ڏيڻو آهي، “منهنجي اسپتال، منهنجي مرضي، منهنجي پسند ۽ سهولت جو مشورو” نه هلندو.