اسلام آباد ( م ڊ ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسي روڪي ڇڏي، ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي قائم 7 رڪني ڪاميٽي پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسيءَ جو فيصلو ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاميٽي جي سربراهي شاهه محمود قريشي ڪندو جڏهن ته ڪاميٽي ۾ اسد قيصر، حامد خان، شهريار آفريدي، بئرسٽر گوهر ۽ شبلي فراز شامل هوندا. ذريعن موجب، شاندانا گلزار کي به ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي۽ هوءَ عورتن جي ڪيسن ۽ سندن پارٽي ڇڏڻ جي سبب بابت رپورٽ ڏيندي جنهن کانپوءِ ڪاميٽي حتمي نالن جي فهرست پي ٽي آءِ باني ڏانهن اُماڻي ويندي جيڪو حتمي فيصلو ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي آزادي تائين ڪنهن به اڳواڻ جي پارٽيءَ ۾ واپسي کي روڪيو ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ باني جي آزادي کانپوءِ ئي اڳواڻن جي واپسي بابت فيصلو ڪيو ويندو. هوڏانهن پي ٽي آءِ ڪور ڪاميٽي اعلان ڪيو آهي ته فواد چوڌري سميت جيڪو به پارٽي قيادت تي تنقيد ڪندو ان کي سخت جواب ڏنو ويندو، ڏکئي وقت ۾ پارٽي ڇڏيندڙن کي پارٽي جي معاملن تي تبصرو ڪرڻ جو ڪوبه اخلاقي حق ناهي، اجلاس ۾ عمر ايوب جي بطور سيڪريٽري جنرل استعيفا منظور نه ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي، اهڙي قرارداد منظور ڪئي وئي، عمر ايوب کي استعيفا واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي وئي، هوڏانهن علي زيدي چيو آهي ته ڇا اسان خوشي سان پارٽي ڇڏي ويا هئاسين، اسان ته اليڪشن به نه وڙهي، هر ڪنهن جا مسئلا هوندا آهن، ڪيترائي ماڻهو لڪي ويا ۽ ڪجهه ٻاهر هليا ويا، ڪنهن جو نالو کڻي تنقيد نه ڪندس، جنهن کي جيڪو وڻي ڳالهائي، جيڪا مون کي ڌمڪي ڏني وئي هئي جيڪڏهن سچ ٿي وڃي ها ته خودڪشي ڪري ڇڏيان ها، عمران خان پيغام ڏنو ته تشدد جو نشانو نه بڻجو، چپ ڪري گهر ويهي رهو.