ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)   سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو اهي ته عمران خان منافقت جو آسڪر ايوارڊ حاصل ڪيو آهي، آمريڪا کي پنهنجو مخالف سڏيندڙ  عمران خان هاڻ  آمريڪا  جي خوشنودي لاءِ  لابنگ ڪندڙ فرم جون خدمتون حاصل ڪيون آهن،  قوم کي پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي ( 75 هين سالگرهه) جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي هن چيو ته پياري وطن خلاف هر سازش کي ناڪام بڻائيندا سين.