اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 2547 اهلڪار مقرر ڪيا ويا،  ڪارڪنن ۽ قيادت جي گرفتاري لاءِ پنج ٽيمون جوڙيون ويون، مقرر ڪيل اهلڪارن کي واٽر ڪينن، 3 هزار لانگ رينج آنسو گيس ۽ 3 هزار شارٽ رينج شيل مهيا ڪيا ويا.