لاهور (م ڊ) باني پي ٽي آءِ جي رياست مخالف بيان تي پنجاب حڪومت ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، دستاويزن موجب پنجاب اسيمبلي جي ڪابينا قرار ڏنو ته باني پي ٽي آءِ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي منظم سازش ڪري رهيو آهي. پارٽي اڳواڻن کي پاڪستان مخالف بيانن جو ٽاسڪ ڏنو اهو عمل بغاوت جي ذمري ۾ اچي ٿو.  ڪابينا دستاويزن موجب چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر خان به اڊيالا جيل جي ٻاهران رياست مخالف بيان ڏنا، دستاويزن موجب باني پي ٽي آءِ جي بيانن سان عوام ۾ منفي پروپيگنڊا پيدا  ٿي، بيانن، ميڊيا ٽاڪ تي ڪارروائي ٿيندي، قومي ادارن، عدليه، سينيئر آفيسرن خلاف ڪوڙن بيانن تي ڪيس ٺهندا.