ابوظهبي (م ڊ) گڏيل عرب رياستن چيو آهي ته دهشتگردي ۽ تشدد خلاف پاڪستان ۽ ان عوام سان گڏ بيٺا آهيون . گڏيل عرب رياستن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سلامتي ۽ مضبوطي کي نقصان رسائڻ واري مجرماڻي قدمن جي سخت مذمت ڪيون ٿا. ٻئي پاسي قطري پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ عمران خان جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سياسي اختلافن جي بنياد تي تشدد جي استعمال کي رد ڪيون ٿا . ايراني پرڏيهي وزارت به عمران خان ۽ ٻين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير به عمران خان حملي تي افسوس جو اظهار جو اظهار ڪندي ان جي مذمت ڪئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيرآباد ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ عمران خان، فيصل جاويد ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 13 ڄڻا زخمي ۽ هڪ شخص مارجي ويو هو.