گجرات (م ڊ) ڊي پي او گجرات سيد غضنفر شاهه چيو آهي ته عمران خان تي حملو جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪير ناهي آيو، اسان کي ڪابه اهڙي درخواست ناهي ملي، ان جو فيصلو صوبائي حڪومت جي سطح تي ڪيو ويندو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي پي او جوابدار جي وڊيو ليڪ بابت چيو ته پهرين وڊيو ۾ ٿاڻي جو نقشو نظر اچي رهيو آهي ۽ آواز به ٿاڻي جي آفيسر جو آهي پر انهن وڊيو ٺاهڻ جي ترديد ڪئي آهي، ٻئي وڊيو ۾ جيڪو ڪمرو نظر اچي رهيو آهي، اهو پهرين ڪڏهن ناهي ڏٺو، ٻئي وڊيو ٿاڻي نه پر ڪنهن ٻئي هنڌ جي آهي، هن چيو ته پوليس واقعي واري هنڌ آس پاس جي سمورين ڇتين جو تفصيلي جائزو ورتو، ڪنهن ڇت تان گولي جو ڪو اهڙو خول ناهي مليو، جنهن سان چئي سگهجي ته ڇت تان فائر ٿيو.