اسلام اباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي باني تحريڪ انصاف جي وڪيل سلمان اڪرم راجه دليل مڪمل ڪري ورتا. بيرسٽر سلمان صفدر عدت ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيندو. باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي اسلام آباد جي مقامي عدالت جي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪه ڪئي. باني تحريڪ انصاف جي وڪيل سلمان اڪرم راجه دليل مسلم لا جي حوالي سان مختلف ڪيسز  جو حوالو ڏيندي چيو ته فيملي لا ذاتي قانون جو حصو آهي ان لاءِ اهڙا ڪيسز شريعت ڪورٽ جي دائري اختيار ۾ ايندا آهن. عورت يونين ڪائونسل جي سرٽيفڪيٽ کان بغير به نڪاح ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اهڙي طرح هلندو رهيو ته هر سال هزارين شاديون ڪالعدم قرار ڏيڻون پونديون. هن ڪيس ۾ سمورن شاهدن جا بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهن. سلمان اڪرم راجه ان دوران دليل مڪمل ڪري ورتا. عدالت رمارڪس ڏنا ته 12 جولاءِ تي هر حال ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.