اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي. جج افضل مجوڪه رمارڪس ڏنا ته 8 جولاءِ تائين هر صورت ۾ ڪيس کي ختم ڪرڻو آهي. ايڊيشنل سيشن جج افضل مڪوڪه باني تحريڪ انصاف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف مرڪزي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. باني تحريڪ انصاف جي وڪيل سلمان اڪرمج راجه ۽ خالد يوسف چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيا. سلمان ڪرم راجه موقف اختيار ڪيو ته  سپريم ڪورٽ جي مختلف فيصلن سان عورت کي تحفظ فراهم ڪيو ويو. مفتي سعيد به چيو ته عورت جي ڳالهه عدت جي حوالي سان حتمي آهي. پر هنن عدالت ۾ غلط بياني ڪئي. 90 ڏينهن جو دورانيو عدت ناهي. رجوع جو وقت آهي. ان کي عورت جي لاءِ تلوار نٿو بڻائي سگهجي. چار شاهد آهن، خاور مانيڪا لطيف غلطي بياني ڪئي، باني تحريڪ انصاف کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو. يقينن جج شاهه رخ ارجمند تي ڪو پريشر هيو جو فيصلو نه ٻڌايو، جج چيو ته خاور مانيڪا جو وڪيل چار يا 8 جولاءِ مان هڪ ڏينهن پنهنجا دليل مڪمل ڪري وٺي. عدالت کي هر صورت ۾ 8 جولاءِ تائين ڪيس کي ختم ڪرڻو آهي.