ڄام شورو(رپورٽر) سنڌ جي لوڪ فنڪار علڻ فقير جي ورسي جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته علڻ فقير، پنهنجي آواز ۽ انداز سبب، نه رڳو پاڪستان ۾ پر دنيا ۾ به مقبول هو. علڻ فقير جو نرالو لباس به گهڻو مشهور هوندو هو. هٿ ۾ لٺ، مٿي تي اجرڪ جو وڏي طُري وارو پٽڪو، وڏا وار، ڳچيء ۾ مڙڪن وارا ڳانا سچ ته سندس سڃاڻ هئا. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ وڌيڪ چيو ته علڻ فقير نه صرف  پر سرائيڪي، اردو، پنجابي زبانن ۾ پڻ ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندو هو. مخدوم خاندان پنهنجي وڏن جي روايتن کي برقرار رکندي اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ فنڪارن سميت مختلف شعبن ۾ ماڻهن کي همٿايندو رهيو آهي،  جنهن ۾ علڻ فقير پڻ شامل آهي. علڻ فقير جون سنڌي ثقافت ۽ راڳ جي دنيا ۾ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن اميد آهي ته سندس روايتن کي پونيئر به برقرار رکندا.