حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه نامياري لوڪ فنڪار علڻ فقير جي 24هين ورسي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته علڻ فقير سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جو علمبردار هو. هن لوڪ گائڪي کي هڪ نئون انداز بخشيو. علڻ فقير راڳ کي پنهنجي منفرد انداز ۾ پيش ڪري نالو ڪمايو. هن پوري دنيا ۾ سنڌي اجرڪ جي پٽڪي کان سنڌي ثقافت کي پروموٽ ڪيو. علڻ فقير سُرن ۽ سازن جو بادشاهه هو. هن چيو ته فقيرائي طبعيت رکندڙ علڻ فقير شاهه عبدالطيف ڀٽائي کي ڪمال ڳايو. هو جسماني طور اسان کان ڌار آهي پر هميشه پنهنجي فن جي ذريعي زنده رهندو. آئون سنڌ جي ثقافت جي علمبردار کي سندس ورسي جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ٻئي طرف بسنت هال ڪلچرل سينٽر حيدرآباد طرفان سنڌ جي سرموڙ صوفي راڳي مرحوم علڻ فقير جي ورسي جي موقعي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ اديبن، راڳين، دانشورن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. بسنت هال جي آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل تقريب کي اڳوڻي سيڪريٽري حميد آخوند، صداڪار نصير مرزا، علڻ فقير جي نياڻي فرح علڻ ۽ احسن ماڪا خطاب ڪندي چيو ته علڻ فقير رڳو سنڌ جو نه پر پاڪستان جو آرٽسٽ هو جنهن پنهنجي فن وسيلي سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو. علڻ فقير ڀٽائي جو عاشق هو جنهن کي اڻپڙهيل هجڻ باوجود ڀٽائي جي شاعري ياد هئي ۽ جنهن ريت علڻ فقير ڀٽائي کي ڳايو ان جو الڳ مقام آهي. هنن چيو ته علڻ فقير وڏو آرٽسٽ هجڻ باوجود انتهائي سادي طبيعت جو مالڪ هو. علڻ فقير سنڌ جو آواز ۽ سنڌ جو سفير هو جنهن سڄي دنيا ۾ نه رڳو سنڌي راڳ کي متعارف ڪرايو پر پنهنجي انداز سان اجرڪ، ٽوپي ۽ سنڌي ثقافت کي روشناس ڪرايو. تقريب دوران شاهه جي راڳي جمن شاهه، مظهر حسين، نظر حسين، علڻ فقير جي پٽ فهيم علڻ ۽ ٻين راڳين راڳ وسيلي ڀيٽا پيش ڪئي.