ملير (رپورٽر) ملير پوليس  پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي کي 18 ڪروڙن جي فراڊ ڪيس ۾ گرفتاري جي ٻئي ڏينهن ملير جي عدالت ۾ پيش ڪري 3 ڏينهن جو  جسماني رمانڊ ورتو، علي زيدي کي گڏاپ ٿاڻي تان بڪتربند گاڏي ۾ ويهاري سخت پهري ۾ ملير جي عدالت ۾ آندو ويو، جتي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، مبين جتوئي، خرم شيرزمان، آفتاب صديقي، جمال صديقي، بلال غفار، نثار شر سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو، ان موقعي تي ڪارڪنن پاران نعريبازي پڻ ڪئي وئي، عيل زيدي جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته 20 فيبروري کان 12 اپريل تائين علي زيدي پرڏيهه ۾ هو، انهي عرصي دوران ڪاغذن تي صحيحون ڪيئن ٿيون؟ هي جعلسازي جو ڪيس آهي، جيڪو فريادي خلاف هلڻ گهرجي،  فريادي جي وڪيل جو چوڻ هو ته  هي ڪاروباري مامروآ هي، انهي  ڪيس کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي، هن درخواست ڪئي ته ڪيس ۾ قلم 406 پڻ شامل ڪيو وڃي، ان موقعي تي علي زيدي عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن مون ڪا رقم ورتي آهي ته انهي جو ڪو رڪارڊ هوندو، آئون  بيگناهه آهيان، هن عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪيس ختم ڪيو وڃي آئون جاچ ۾ تعاون ڪندس جڏهن به گهرايو ويندو ته پيش ٿيندس، هن چيو  ته آئون درخواست گذار کي نه ٿو سڃاڻان ۽  نه ئي ساڻس ڪا ملاقات ٿي آهي، ڪيس ۾ جنهن تاريخ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان وقت آئون ملڪ ۾ موجود نه هئس، عدالت منهنجو پاسپورٽ ۽ پرڏيهي سفر جو رڪارڊ ڏسي سگهي ٿي، هن چيو ت فريادي جي عمر 34 سال آهي، 10 سال پهريان سندس عمر 22 سال هئي.آئون  22 سالن جي نوجوان کان ڪروڙن جي ڊيل ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته جيڪڏهن حڪمران سمجهن ٿا ته ڪوڙا ڪيس ڪرڻ سان ملڪي معشيت ٺيڪ ٿيندي، آئون   3 ڏينهن ته ڇا پر 30 سال به جيل ۾ رهڻ لاءِ تيار آهيان، ٻئي طرف نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ نهال هاشمي ملير ڪورٽ پهچي علي زيدي سان ملاقات ڪئي،