ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري گينگ وار جي مک ڪردار عزير بلوچ خلاف 2 رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي سربراهه ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران عزير بلوچ ۽ ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، جنهن دوران سرڪاري وڪيل جي آءِ ٽي سربراهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت کي استدعا ڪئي، جيڪي عدالت منظور ڪري ورتي، عدالت فدا جانوري کي سمورن دستاويزن سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. پوليس موجب عزير بلوچ تي 2 رينجرز اهلڪارن اعجاز ۽ ناصر کي اغوا بعد قتل ڪرڻ جو الزام آهي، جوابدارن خلاف 2013ع ۾ پاڪ ڪالوني ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪرايو ويو هو