ممبئي(شوبز نيوز) مشهور عرب يوٽيوبر خالد العامري ۽ ڀارتي اداڪارا سنائينا جي مڱڻي جو خبرون وائرل ٿي ويون آهن. خالد العامري انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ سندس هٿ ۾ هڪ عورت جو هٿ به ڏسي سگهجي ٿو ۽ ٻنهي هٿن ۾ مڱڻي جي منڊي به نظر اچي رهي آهي. يوٽيوبر خالد العامري پوسٽ ۾ ”الحمد الله“ لکي ڪري پنهنجي پهرين گهرواريءَ بعد نئين عورت سان مڱڻي جي تصديق ڪئي. انهي پوسٽ بعد ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته دبئي ۾ ترسيل يوٽيوبر خالد العامري پهرين گهرواري ۽ يوٽيوبر سلميٰ محمد سان طلاق بعد تامل فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪارا سنائينا سان مڱڻو ڪيو آهي. هونئن ته يوٽيوبر پنهنجي مڱيندي جي سڃاڻپ واضح ناهي ڪئي پر ڀارتي ميڊيا سنائينا جي ئي هڪ انسٽاگرام پوسٽ مان اندازو لڳايو آهي. ڀارتي خابرو ادارو خالد العامري ۽ بولي ووڊ اداڪارا جي مڱڻي جي دعويٰ ڪندي دليل طور تي هڪ ٻي ڳالهه به پيش ڪري رهيو آهي ته ٻئي ڄڻا چنائي ۾ موجود آهن ۽ امڪاني طور تي هو مڱڻي جي سلسلي ۾ ئي آيل هجن. يوٽيوبر کي سوشل ميڊيا تي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته مداح سلميٰ محمد سان به همدري جو اظهار ڪندي نظر اچي رهيا آهن.