عراق(انٽرسٽنگ نيوز) عراق ۾ ٻلين جي خوبصورتي جو مقابلو ڪرايو ويو جنهن ۾ 400 ٻلين حصو ورتو.عرب ميڊيا موجب عراق جي صوبي ڪردستان ۾ منعقد ٿيل هن خوبصورتي جي مقابلي ۾ سوسو نالي ٻلي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.پرڏيهي ميڊيا موجب مقابلي ۾ جانورن جي ماهرن طرفان ٻلين جو ويجهڙائي سان جائزو ورتو ويو. سندن حسن جو اندازو سندن نسل، جنس، رنگ، چال، فر، دم ۽ اکين جي بنياد تي ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب پوزيشن حاصل ڪندڙ ٻلين کي خاص کاڌو ۽ ٻيا خاص تحفا پڻ ڏنا ويا.