عدليه مخالف مهم: 600 اڪائونٽس جي جاچ، 22سياستدان ۽ 32 صحافين کي قانون موجب نوٽيس ڏنا: حڪومت

0
56
عدليه مخالف مهم: 600 اڪائونٽس جي جاچ، 22سياستدان ۽ 32 صحافين کي قانون موجب نوٽيس ڏنا: حڪومت
عدليه مخالف مهم: 600 اڪائونٽس جي جاچ، 22سياستدان ۽ 32 صحافين کي قانون موجب نوٽيس ڏنا: حڪومت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ججن خلاف مهم کانپوءِ ايف آءِ اي جي ڪارروائي قانون موجب آهي، 110 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته اعليٰ عدليا تي الزامن جي مهم جاري هئي، هيل تائين سوشل ميڊيا جي تقريبن 600 اڪائونٽن جي جاچ ٿي آهي، تقريبن 100 انڪوائريون رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته تقريبن 110 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، انهن ۾ تقريبن 22 سياسي ڪارڪن يا سياستدان ۽ تقريبن 32 صحافي آهن، هيل تائين قانون تحت رڳو نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ڪنهن کي هراسان ناهي ڪيو ويو، نه ئي ڪنهن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي آهي

سندس چوڻ هو ته عدالت ۽ قانون پنهنجو رستو پاڻ وٺندو، هيل تائين ٿيندڙ ڪارروائي قانون موجب آهي، آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار جي آزادي لامحدود ناهي، ان تي مناسب پابنديون موجود آهن، ڳالهه تنقيد جي نه پر تذليل ۽ ڪردار ڪشي جي ٿي رهي آهي، عدليا خلاف جيڪا مهم هلائي وئي

اها ڪنهن به ريت تنقيد جي زمري ۾ نٿي اچي، تنقيد کي تهذيب جي دائري ۾ رکجي. ڊي جي ايف آءِ اي  چيو ته نوٽيس جاري ڪرڻ بعد اشتعال گهٽجي ويو، ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون پوسٽون ڊليٽ به ڪيون آهن