اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪٽرانڪ ميڊيا جي عدالتي رپورٽنگ تي پابندي جي پيمرا نوٽيفڪيشن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو جيڪو ايندڙ هفتي ٻڌايو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾جرنلسٽ ايسوسئيشن ۽ پريس ايسوسئيشن آف سپريم ڪورٽ جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل رياست علي آزاد ، اظهر صديق ۽ عادل قاضي عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اهڙيون شيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن تي ڊائريڪٽوَ جاري ڪرڻو پيو، پيمرا سڌي ريت رپورٽنگ تي پابندي لڳائي ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته زمانو تبديل ٿي چڪو آهي شيون تبديل ٿي چڪيون آهن اسان کي انهن شين سان گڏ پاڻ کي به تبديل ڪرڻو پوندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه ڪريان ته اهڙو ڪجهه ناهي ٿيو. ڪٿي غلط رپورٽنگ ناهي ٿي. وڪيل پيمرا سعد هاشمي عدالت کي ٻڌايو ته هدايتنامو چئنلز کي جاري ڪيو ويو هو، هنن سپريم ڪورٽ جي هڪ به گائيڊ لائنز تي پابنديءَ سان عمل ناهي ڪيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سوال اهو آهي ته ڳالهه پابندي طرف ڇو وئي، عدالت جي ڪاروائي دوران آبزرويشن ڏني ويندي اهي اها به رپورٽ ٿي سگهي ٿي. وڪيل اظهر صديق چيو ته هي پٿر جي دور ۾ واپس وڃڻ چاهين ٿا. پر مان وڃڻ نه ڏيندس، قانون مطابق ايڪشن ورتو وڃي. پيمرا جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ هي ڊائريڪٽو جاري ڪيو ويو. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ايندڙ هفتي ٻڌايو ويندو.