اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آر ٽي ايس سسٽم استعمال ڪرڻ ۽ چونڊن لاءِ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي تڪبندي 2017ع جي آدمشماري جي حتمي انگن اکرن تحت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ نيون تڪبنديون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون نيون تڪبنديون 2017ع جي آدمشماري تحت ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ به آر ٽي ايس سسٽم ۽ آر ايم ايس سسٽم کي استعمال ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، آر ٽي ايس جي 2018ع ۾ سامهون آيل خامين کي نادرا سان گڏجي ختم ڪرڻ جي به چيف اليڪشن ڪمشنر هدايت ڪئي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي جائزي لاءِ جوڙيل ٽيڪنيڪل ڪاميٽي کي جائزه رپورٽ جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي، ذريعن مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي مخالف ناهي پر غلطين ۽ خامين کان پاڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جي حق ۾ آهيون، غلطين کان پاڪ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت پاران هن وقت تائين اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت گهريل تفصيل مڪمل طور تي فراهم نه ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ ووٽر لسٽن جي ڊو ٽو ڊو تصديق لاءِ مهم شروع ڪرڻ جو به اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي.