ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان، قمر منصور ۽ فاروق ستار عدالت ۾ پيش ٿيا، پوليس طرفان ڪيس جو اکين ڏٺو شاهد انسپيڪٽر علي رضا پيش ٿيو، جوابدارن جي وڪيلن شاهد جي بيان تي جرح مڪمل ڪئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو. ڪيس جي شاهد موجب جوابدارن پنهنجي اڳواڻ جي چوڻ تي پٿراءَ ڪيو هو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي