اسلام آباد (م ڊ) عالمي بينڪ ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ پاڪستان کي 15 ڪروڙ 30 لک ڊالر گرانٽ جي ٻيهر منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بينڪ جي پڌرائي موجب پاڪستان ۾ “پينڊمڪ ريسپانس ايفيڪٽونيس اِن پاڪستان” پراجيڪٽ جي نئين سر تنظيم سازي جي منظوري ڏني وئي آهي، منصوبي جي نئين تنظيم سازي جي منظوري وفاقي حڪومت جي درخواست تي ڏني وئي آهي. عالمي بينڪ موجب هي منصوبو اپريل 2020 ۾ شروع ڪيو ويو هو، فنڊز پاڪستان ۾ جاري ڪورونا قومي ويڪسين مهم جي مالي مدد لاءِ فراهم ڪيا پيا وڃن، اهي فنڊز ڪوڊ 19 ويڪسين جي خريداري ۾ مدد فراهم ڪندا. منصوبي سان صحت جي نظام ۽ ويڪسينيشن مهم تي عملدرآمد جي صلاحيت کي هٿي ملندي. عالمي بينڪ موجب پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٽين لهر مارچ 2021ع ۾ آئي، لکي ماڻهن جي جان ۽ روزگار کي خطرو آهي، عالمي بينڪ وبائي بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.