لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهين آفريديءَ ٽيم ۾ سرجري بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو .
لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهين آفريدي ٽيم ۾ سرجري بابت سوال لنوائي ويو ۽ چيو ته ان حوالي سان هو ڪجهه نٿو ڄاڻي پر اسان کي ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ گهڻو ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڀارتي ٽيم جي هڪ ڀيرو وري ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ تي شاهين آفريدي چيو ته ڀارت زبردست ڪرڪيٽ کيڏي، جڏهن اوهان محنت ڪندا آهيو ته نتيجو سٺو نڪرندو، جيڪا ٽيم هڪ طريقيڪار تحت ٺهندي آهي اِها ڪامياب ٿيندي آهي. ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي انتهائي خراب ڪارڪردگي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو هو ته ٽيم ۾ وڏي سرجري جي ضروت آهي.