ڪراچي: سنڌ حڪومت بجيٽ دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته صوبي ۾ ٽيڪس آمدني جي هدف ۾ 80 ارب رپين جو اضافو ڪيو آهي. دستاويزن موجب صوبائي بجيٽ ۾ هلندڙ مالي  سال جي بجيٽ ۾ صوبائي اوڳاڙين جو هدف 3 کرب 4 ارب 93 ڪروڙ 72 لک 9 هزار رپيا رکيو ويو هو. جيڪو نظرثاني ڪري گهٽائي 2 کرب 67 ارب 92 ڪروڙ 70 لک 50 هزار رپيا ڪيو ويو. ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ اوڳاڙين جي هدف کي وڌائي 3 کرب 47 ارب 50 ڪروڙ رپيا رکيو ويو آهي، جيڪو ابتدائي هدف کان 42 ارب ۽ نظرثاني هدف کان 79 ارب 57 ڪروڙ 29 لک 50 هزار رپيا وڌيڪ آهي. سڌن ٽيڪسن جي اوڳاڙين ۾ ساڍا 3 ڪروڙن جو اضافو ڪري 5 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. ان ۾ زراعت تي انڪم ٽيڪس جو هدف 81 ڪروڙن کان وڌائي 3 ارب، پراپرٽي ٽيڪس 3 ارب ساڍا 4 ڪروڙ مان گهٽائي 90 ڪروڙ، لينڊ روينيو هدف 31 ڪروڙ مان وڌائي هڪ ارب رپيا، غيرمتحرڪ جائداد تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس 5 ڪروڙن مان وڌائي 10 ڪروڙ رپيا ڪيو ويو آهي. اڻ سڌن ٽيڪسن جي اوڳاڙي جو هدف پوڻا ٻه کرب مان وڌائي سوا ٻه کرب رپيا ڪيو ويو آهي. گذريل سال اهو نظرثاني ٿيل هدف هڪ کرب 76 ارب 80 ڪروڙ 60 لک 50 هزار رپيا هو جيڪو وڌائي ٻه کرب 37 ارب 30 ڪروڙ رپيا ڪيو ويو آهي. ان ۾ سيلز ٽيڪس (صوبائي جي ايس ٽي) کي هڪ کرب 45 اربن مان وڌائي هڪ کرب 80 ارب رپيا، صوبائي ايڪسائيز کي 5 ارب 50 ڪروڙ 86 لک 91 هزار مان وڌائي 12 ارب رپيا، اسٽيمپس ڊيوٽي 15 ارب 50 ڪروڙ مان وڌائي 31 ارب، موٽر وهيڪل ٽيڪس کي 10 ارب 79 ڪروڙ 73 لک 59 هزار مان وڌائي 14 ڪروڙ 30 ڪروڙ رپيا ڪيو ويو آهي. ٻين اڻ سڌن ٽيڪسن جي اوڳاڙي جو هدف 80 ارب 15 ڪروڙ 60 لک مان وڌائي هڪ کرب 5 ارب 20 ڪروڙ رپيا ڪيو ويو آهي. اليڪٽرسٽي ٽيڪس جو هدف 95 ڪروڙن مان وڌائي 4 ارب، سنڌ ڊيولپمنٽ مينٽيننس آف انفرااسترڪچر ٽيڪس 85 ارب مان وڌائي هڪ کرب 80 ڪروڙ رپيا ۽ ٻين ٽيڪسن جو هدف 15 ملين مان وڌائي 40 ڪروڙ رپيا ڪيو ويو آهي.