صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻيءَ جو ڀاءُ جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم تي حملي واري ڪيس ۾ آجو قرار

0
672

جيڪب آباد (رپورٽر) صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻيءَ جو ڀاءُ جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم تي حملي واري ڪيس ۾ آجو قرار، جيڪب آباد پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ٿيل آزاد جکراڻي کي آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم تي حملي بابت فٽيجز ۾ آزاد جکراڻي نظر نه اچي رهيو هو، حملي ۾ ملوث نه هجڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو آهي، پوليس اعجاز جکراڻي جي سئوٽ ولي محمد جکراڻي سوڌو گرفتار 6 ڄڻن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جوابدارن طرفان به مقامي عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ٿيل آھن.