صنفي تعليم جي اھميت

0
24
صنفي تعليم جي اھميت

 ”جيڪڏھن سماج اندر بدامني آھي، ڏوھ ٿين ٿا، انساني حقن جي پڃ ڊاھ ٿئي ٿي تـ ان جي ذميواري استاد تي پئي ٿي، ڇو تـ ان معاشري جي تربيت ڪرڻ ۾ ڪوتاھيءَ کان ڪم ورتو ھوندو”. ھي لفظ ھئا مرحوم پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب جن جا، جيڪي ھن سرڪاري نوڪريءَ جي پڄاڻي بعد ساڻس الوداعي دعوت واري تقريب ۾ چيا ھئا. مان استاد  محترم جي چيل ڳالھ سان سئو سيڪڙو سھمت ٿيندي ان ۾ مان ھڪ واڌارو ڪندس تـ استادن سان گڏ تعليمي ادارن اندر لاڳو نصاب جو پڻ ان ۾ وڏو ڪردار ھوندو آھي. ڪنھن بـ قوم جي سماجي، نفسياتي، اخلاقي، تھذيبي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ ۾ نصاب ۽ قابل استادن جو اھم ڪردار ھوندو آھي. پاڪستان ۾ نصاب جي ماھرن ڪيئي اھم ڪورس ان جو حصو ئي ناھن بڻايا. مثال طور جنسي يا صنفي تعليم متعلق ڪوبـ ڪورس ڊزائين ناھي ڪيو ويو، ويتر اھڙن تمام حساس موضوعن کي سمجھڻ لاءِ انھن تي ڳالھائڻ يا بحث ڪرڻ کي انتھائي معيوب سمجھيو ويندو رھيو آھي.

                 خبر ناھي اسان ڪڏھن سمجھي سگھنداسين تـ مٿي بيان ڪيل موضوعن جي تعليم ۽ تربيت وارو مواد ڪنھن بـ صورت ۾ لست، لذت جي زمري ۾ نـ ٿا اچن. ٻالڪپڻ کان جواني جي در تي پير رکندڙ نسل کي انھن موضوعن جي تعليم نـ ڏيڻ ڪري سندن پير ترڪي پوڻ جا ڪيترائي امڪان رھن ٿا، ڇوتـ کين سندن زندگين سان لاڳاپيل حساس ترين ڳالھين جي ڄاڻ ڪنھن بـ مھيا ناھي ڪئي ھوندي. پنھنجي ملڪ اندر نصاب اندر ڪوڙ بدوڙ کي طم طراق سان سان شامل ڪيو ويو آھي. رائج نصاب ڪوتاھ نظري، غيرسائنسي سوچن، عقيدي پرستي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجڻ، مذھبي نفرت ۽ شدت پسندي کي ھٿي ڏيندڙ آھي ۽ اسان جي استادن وٽ ايترو علم يا سندن اھڙي تربيت ئي ٿيل ناھي تـ اھي آئوٽ آف باڪس (OUT OF BOX) سوچ ڌاري قوم جي ٻچڙن کي سڌي دڳ سان لائي سگهن. نصاب سان خاص ڪري آمر ضياءَ الحق جي دئور ۾ جيڪا مجرماڻي ھٿ چراند ڪئي ويئي ھئي اسان جو اڄوڪو گروھي سوچ رکندڙ ھائبرڊ نسل (علمي حوالي سان) ان جو عڪس آھي. پرائمريءَ کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين پنھنجي نصاب مان صنف، صنفي توازن، صنفي برابري متعلق ڪا ڄاڻ ناھي ڏني ويئي. ويتر اھڙا ڪورس شامل ڪيا ويا آھن جيڪي مرد ۽ عورت جي صنفي توازن کي بگاڙڻ جو سبب آھن. نصاب جي ڪتابن ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ ڪم ڪار ڪرڻ جي اڳواٽ ورڇ ڪيل پڙھائي ويندي آھي. مثال طور ڇوڪرين کي گڏين سان ۽ ڇوڪرن کي ڪرڪيٽ راند کيڏندي ڏيکاريو ويندو آھي. مطلب تـ اسان ننڍي ھوندي کان ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ٻڌائي ڇڏيندا آھيون تـ ڪھڙا ڪم مردن جا آھن ۽ ڪھڙيون ذميواريون عورتن تي لاڳو آھن.

صنفي تعليم ھڪ تمام ضروري علم آھي، ان کي سمجھڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ بنا ڪوبـ معاشرو، ڪابـ قوم يا ملڪ ترقي ڪري سگهي ممڪن ناھي. عورت کي گهر جي عزت ڪري پيش ڪرڻ، کيس بورچيخاني تائين محدود ڪرڻ، ٻار پالڻ يا گهر جي ٻُھاري صفائي سٿرائي جي ذميواري مٿس ٿاڦڻ ان جا چند مثال آھن. ھر صورت ۾ گهر جو مالڪ مرد آھي، گهر جو محافظ مرد آھي، سموري گهر کي ھلائڻ وارو مرد آھي، گهر جا سمورا فيصلا مرد کي ڪرڻا آھن،  ان قسم جي سوچن ڪري پنھنجي معاشري ۾ عورتن ۽ مردن وچ ۾ انان جون ديوارون جڙي ويون آھن عورتن کي احساس ڪمتري جي گهرين کاھين ۾ ڪيرائي مردن کي نرگسيت جي حد تائين احساس برتريءَ جھڙين زھريلي روين جو شڪار بڻايو ويو آھي. صنفي تعليم اسان کي سمجھائي ٿو تـ جسماني جوڙجڪ ۽ تخم ريزيءَ کي ڇڏي باقي مردن ۽ عورتن وچ ۾ ڪوبـ فرق ناھي. جسماني، ذھني، روحاني جيڪي ڪم ڪار مرد ڪري سگهن ٿا اھي عورتون پڻ ڪري سگهن ٿيون. خوشي، غم، غصي، پيار، انسيت جھڙا احساس ٻنھي صنفن اندر موجود ھوندا آھن. ان ڪري عورتون ۽ مرد سڀ کان اول انسان آھن. کين انساني اک سان ڏسڻ گهرجي. پر افسوس تـ پاڪستان ۾ الٽي گنگا پئي وھي. ھتي عورت کي صنف نازڪ جو عنوان ڏيئي کين ڪم عقل، سست، ثابت ڪيو ويندو آھي. پنھنجي معاشري ۾ گهرن توڙي ٻنين ۾ عورتون سج اڀري کان سج لٿي تائين بنا معاوضي محنت ڪنديون آھن سندن اھڙي جفاڪشي وارن ڪمن کي ڪنھن ليکي چوکي ۾ شمار ناھي ڪيو ويندو. مثال طور جيڪڏھن ڪو گڏھ گاڏو ھلائيندڙ مزدوري ڪري ٽي سئو روپيا گهر کڻي ايندو آھي تـ اھو سمجھندو آھي تـ پورو گهر سندس ان ڪمائي تي ھلي پيو جڏھن تـ گهر اندر ٻارن جي پالنا، رڌ پچاءَ، صفائي سٿرائي، ڪپڙي لٽي جي ڌوئڻ ۽ استري جھڙن ڪمن جو جيڪڏھن معاوضي جي صورت ۾ ڪٿ ڪبي تـ اھو تـ ھزارين روپين جو ٿيندو. عظيم اڪابر ڪارل مارڪس چيو ھو تـ “سماجي ترقي جي پيمائش سماجي بيھڪ ۾ عورتن جي پوزيشن سان لڳائي سگهجي ٿي”. پاڻ اھا ڪسوٽي استعمال ڪندي پنھنجي سماج تي نظر ٿا وجھون تـ سواءِ پشيماني ۽ افسوس جي ڪجھ بـ نظر ڪونـ پيو اچي.

ضياءَ الحق جي دئور کان پوءِ پنھنجي سماج اندر مدرسائي تعليم جو بول بالا ڪيو ويو ھو ۽ اتان پڙھايل کٿابي صنفي برابري کي عورتن جي بي حيائيءَ سان جوڙيندا آھن. مون کي تمام گهڻو افسوس ڪيترن ڪاليج يا يونيورسٽي سطح جي پروفيسرن ٿي ٿيندو آھي جن مان ڪيترن کي پي ايڇ ڊي جھڙيون سگھايون ڊگريون آھن پر سندن سوچن تي ساڳي مدرسائي تعليم مڪمل نموني قبضو ڄمايل نظر ايندي آھي. کين ملالا يوسفزئي طاغوني ايجنٽ، شھيد مشعل خان، امرجليل ۽ عطا محمد ڀنڀرو ڦريل لڳندا آھن، کين پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ قتل عام ڪندڙ قاتل مجاھدين لڳندا آھن، کين قلندر شھباز جي درگاھ ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ سوين انساني جانين جا ٽڪرا ٽڪرا ٿيل جسم نظر ناھن ايندا پر ٻئي ڏينھن تي ملڪ جي نامور ڊانسر ۽ سماجي ڪارڪن شيما ڪرماني جو احتجاجي رقص ڪفر لڳندو آھي ۽ اھي ان عمل خلاف وات ۾ ٽانڊا رکي اکيون ڳاڙھيون ڪري اھڙي عمل جي مذمت ڪندا آھن. ھونئن حقيقت ۾ سڀني مذھبن تي قابض ملن، پنڊتن، بشپن، مفتين، پادرين جون سوچون عورت دشمن ھونديون آھن. صنفي تعليم جو فقدان رڳو اڻ پڙھيل، گهٽ پڙھيلن ۾ ناھي پر اڻ ڄاڻائيءَ جو ھڪ ڊگهو داستان آھي جنھن جو واسطو گهٽ يا وڌ تعليم سان بلڪل ناھي ڪيترائي سي ايس ايس امتحان پاس ڪيل ڊي سي ۽ ايس ايس پي ان ڌٻڻ ۾ ڪنڌ تائين ڦاٿل نظر ايندا آھن. صنفي مت ڀيد جي حوالي سان پاڪستان 146 ملڪن مان 142 نمبر تي اچي ٿو. ان ھڪ انڊيڪيٽر مان پاڻ اندازو لڳائي سگهون ٿا تـ پنھنجو سماج صنفي برابري جي مد ۾ جھڙوڪر دوزخ اندر رھندڙن ۾ شمار ٿئي ٿو. ھن سماج اندر عورت ٿي پيدا ٿيڻ وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي. سنڌ جي وڏي ناول نگار ۽ صحافي ممتاز بخاريءَ پنھنجي فيس بوڪ وال تي گارشيا مارڪيز جي لکڻين مان ھڪ ٽڪرو رکيو آھي تـ “مردن جي دنيا ۾ عورت ٿي جيئڻ وڏي بي عزتيءَ جھڙي ڳالھ آھي.” سنڌ جي سماج اندر گھر جي خسيس ترين شين کان بـ  عورت کي گهٽ درجو ڏنو ويندو آھي. ھڪ دفعي بي بي سيءَ جي نمائندي وسعت اللھ خان ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي ھڪ مذاڪرو شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ ڪرايو ھو. ان ۾ ڳالھائيندي اڳوڻي ايم پي اي سنڌ مرحوم سردار امتياز ڦلپوٽي ھڪ ذاتي مشاھدو ٻڌايو ھو تـ سندس قبيلي جي ھڪ فرد وٽ ڪو ڪتو ھو، جنھن جي حاصلات لاءِ ڪنھن وڏي پير ساڻس رابطو ڪري اھو ڪتو کيس وٺي ڏيڻ جي استدعا ڪئي ھئي. بقول سندس جڏھن ھن اھا ڳالھ ڪتي جي مالڪ سان ڪئي تـ ھو کيس پنھنجي گهر اندر وٺي ھليو ۽ گهر جي سمورين عورتن کي قطار ۾ بيھاري کيس چيائين تـ ھنن مان جيڪا پسند اچيئي وٺي ھليو وڃ پر ٻيلي ڪتي جي ڳالھ نـ ڪر!

اسان سنڌي سنڌ ۾ هجون، دبئي يا يورپ ۾ هجئون، پڙهيل لکيل يا اڻ پڙهيل هجون، صنفي برابري جي مد ۾ سڀني جي سوچ جاگيرداراڻي، ڀوتارڪي هوندي آهي. صنفي برابري مان مراد عورتن کي گهر جي فيصلن ۾ شرڪت ڪرائڻ آھي، کين ڪو ڌنڌو ڌاڙي اختيار ڪرڻ، سندن منشا يا صلاح مصلحت سان رشتيداريون قائم ڪرڻ جي آزادي آھي. پاڻ سڀني جي مشاھدي ۾ آھي تـ ڪنھن گهر ۾ ڇوڪرو پيدا ٿيڻ تي سڀني جا چھرا چنڊ وانگر چمڪي پوندا آھن ۽ ڇوڪِريءَ جي پيدائش تي گهرن ۾ صف ماتم وڇائجي ويندو آھي. مردن پاران ڇوڪر بدران ڇوڪري پيدا ڪرڻ جو گهر وارين کي ڏوھاري سمجھي قتل ڪري ڇڏڻ جا واقعا پڻ اوھان پڙھيا ھوندا.  ڇوڪرو ڀلي رول ھجي، سماجي براين جي ور چڙھيل ھجي، ڪوبـ ڪم ڪار نـ ڪري پر پوءِ بـ اھو مان شان وارو ليکبو، ڇوڪري ڀلي ھوشيار ھجي، ھنر مند ھجي، تعليم يافتا ھجي، لکن جي ڪمائي ڪندڙ ھجي پر سڀ پيا سندس وڏون ڪڍندا ۽ سندس ڪردار تي شڪ ڪندا. صنفي تعليم جي اڻ ھوند ڪري پنھنجو پورو سماج ڊانوان ڊول لڳو پيو آھي.