حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران ملير جي گڏاپ ٿاڻي تي قومپرست اڳواڻن خلاف داخل ڪيسن ۽ گرفتار ڪارڪنن جي آزادي لاءِ اڄ سڄي سنڌ ۾ پرامن طور احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن روشن ٻرڙو، نور احمد ڪاتيار، نصرت چنا، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نورنبي راهوجو، دانش گوپانگ، محمد علي خشڪ ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ 9 جون تي سڄي سنڌ ۾ پرامن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، سندن احتجاج جبر ۽ تشدد خلاف هوندو، اڳواڻن چيو ته 6 جون تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ جي هزارين ماڻهن بحريا ٽائون آڏو پرامن احتجاج ڪيو، جتي هٿ سان بحريا ٽائون انتظاميا حڪومت سان ملي بدامني جو واقعو ڪرايو، سنڌ پوليس پاران سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي قيادت سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، صنعان خان قريشي سميت ٻين مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ جي ڀرپور مذمت ڪن ٿا، هنن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا ڏڦيڙ پکيڙي رهيا آهن، انهن جي سياست جو هاڻي خاتمو اچي چڪو آهي، اڳواڻن چيو ته صنعان قريشي کي گهران کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر قادر مگسي جي گهر جو گهيرو ڪري کيس هراسان ڪيو ويو پر اڳواڻ توڙي ڪارڪن ڪيسن ۽ جيلن کان ڊڄڻ وارا ناهن، هنن چيو ته ڀلي کين نظربند ڪيو وڃي پر هو سنڌ جي وسيلن جي مالڪي تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا، اڳواڻن چيو ته اڄ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مرڪزي ريلي حيدرآباد ۾ جيم خانا کان پريس ڪلب تائين ڪڍي ويندي، جنهن ۾ مرڪزي قيادت شرڪت ڪندي، جڏهن ته 9 جون کانپوءِ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ بجيٽ اجلاس واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪرڻ جي تاريخ جو پڻ اعلان ڪيو ويندو. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي واضح ڪيو ته دهشتگردي جي داخل ڪيسن مان ڊاڪٽر قادر مگسي ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي. هاڻي سيد جلال محمود شاهه، زين شاهه، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ به هاءِ ڪورٽ حيدرآباد مان حفاظتي ضمانت ڪرائي لاڳاپيل عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائيندا. اڳواڻن واضح ڪيو ته صنعان خان قريشي سميت سندن 150 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.