لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪز جي سربراهه ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي پنهنجي گهر واري ناهيد عباسي سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي.ناهيد عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سان ملڪ کي نقصان ٿيو،14 سال گذرڻ باوجود بينظير ڀٽو جا قاتل قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ ڪنهن به ماڻهو جي قاتل کي گرفتار ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي،پر اڄ ڏينهن تائين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل آزاد آهن. پيپلز پارٽي ۾ شامل ماڻهو پيپلز پارٽي جا وارث نه آهن ته پوءِ هي اسان کي پارٽيءَ ۾ ڪيئن آڻيندا ۽ ڪيئن ڪڍي سگهن ٿا. ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته 14 سال گذرڻ باوجود شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل بابت صرف هڪ اپيل داخل ڪئي وئي آهي جنهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.