ڪراچي (م ڊ) قومي اسيمبلي جو اجلاس نه گهرائڻ تي پ پ اڳواڻن ردعمل ڏيندي چيو ته صدر پاران آئين ٽوڙڻ تاريخ جو حصو رهندو، ان ڏس ۾ شيري رحمان ۽ پ پ اڳواڻ شازيه مري ردعمل ڏنو، پ پ اڳواڻن چيو ته صدر طرفان نئين چونڊيل اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ دير پنهنجي اختيار جو ناجائز استعمال آهي، صدر تي لازمي آهي ته هو وزيراعظم جي سمري تي بنا دير قومي اسيمبلي اجلاس گهرائي ته جيئن قومي اسيمبلي متحرڪ ٿئي، شازيه مري چيو ته صدر هڪ شخص جي وفاداري بدران آئين جي پاسداري ڪئي، هن چيو ته هي اهو ئي صدر آهي، جنهن ماضي ۾ قومي اسيمبلي کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪيو هو. هن چيو ته صدر ماضي جيان آئين سان کيڏڻ کان پاسو ڪري، صدر عارف علوي پاران آئين ٽوڙڻ ۽ عهدي جو غلط استعمال تاريخ جو حصو رهندو، قومي اسيمبلي لاءِ چونڊ مڪمل ٿي چڪي آهي، صدر قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي.