ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صدر آصف زرداري سان گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هن صدر آصف زرداري کي سنڌ ۾ امن امان خاص طور تي ڪچي ۾ ڌاڙيلن  جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. صدر  گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي، صوبي ۾ پائيدار امن لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر ممڪن  يقيني بڻايو وڃي.