ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جي اڻپوري سهولتن توڙي دوائن جي سخت کوٽ خلاف جئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽي پاران ڊي سي آفيس آڏو مڪلي ۾ ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي اسپتالن جي انتظام سنڀاليندڙ اين جي او انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪري اسپتالن جو انتظام سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، مڪلي ۾ ڊي سي آفيس آڏواحتجاجي ڪئمپ ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي جسم ضلعي ٺٽي جي صدر امجد شورو، جيئي سنڌ تحريڪ جي راول ڪرناڻي، باغي فرهاد ميمڻ ، امام علي هنڱورو ، خالد ڪيهر ، حسن حمائتي ، نعمان شورو ، عرس ڪيهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار طرفان سال 2015ع کان وٺي هن مهل تائين ٺٽي جون سرڪاري اسپتالون اين جي او مرف حوالي ڪيون ويون آهن پر اين جي او اتنظاميه ٺٽي جي وڏي سول اسپتال ٺٽو ، تعلقي اسپتال شيخ زيد ميرپورساڪرو ۽ آر ايڇ سيز جنگشاهي ، جھرڪ ، ور گھارو ، ڪيٽي بندر ۽ ٻگھاڻ سميت ضلعي جي مڙني وڏين اسپتالن ۾ بجاءِ علاج جون بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ جي اسپتالن جي رهيل سهيل ڪسر ڪڍندي علاج جون گھربل سهولتون به کسي ورتيون آهن، هنن الزام هڻندي چيو ته مريضن کي آپريشن ٿيٽر، ٽراما سينٽر، گائني وارڊ توڙي ٿيليسيميا جي مريضن کي رت به نٿو ملي، جنهن ڪري ڪيترائي مريض فوت ٿي چڪا آھن. ھنن گھر ڪئي آهي ته سرڪاري اسپتالن جا انتظام مرف اين جي اوز کان واپس وٺي سرڪاري اسپتالن کي سرڪاري نگراني ۾ ھلائي ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ملوثن اين جي او انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪري اسپتال ۾ دوائن ۽ رت جي کوٽ ختم ڪرائي اسپتال ايندڙ مريضن کي صحت جون سموريون مفت سھولتون مھيا ڪيون وڃن.