صحافي اطهر متين جا قاتل گرفتار ڪيو، ڪراچي پوليس چيف جي آفيس اڳيان مظاهرو

0
220
صحافي اطهر متين جا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحافي اطهر متين جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪراچي پوليس چيف جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

مظاهري ۾ صحافي تنظيمن جي ڊبليو سي جي وفد، پي ٽي آ اڳواڻ حليم عادل شيخ، ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر، پي ايس پي ۽ فنڪشنل ليگ  سميت مختلف سياسي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي

صحافين جي مظاهري ۾ اي آءِ جي غلام النبي ميمڻ، اولهه جي ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ صحافين جي احتجاج ۾ پهچي ويا

ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافين چيو ته اطهر متين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽي ڏينهن لاءِ پوليس کي مهلت ڏني وئي پر اڄ چار ڏينهن گذري ويا آهن پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي

صحافين جو چوڻ آهي ته سڀاڻي اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪيو ويندو، جسيتائين قاتل گرفتار نه ڪيا ويندا احتجاج جاري رهندو، مظاهري ۾ صحافي اطهر متين جي گهرڀاتين به شرڪت ڪئي