ڪراچي/ملير/ ڏوڪري ( نمائندن وٽان) صحافت کي حياتي ارپيندڙ ۽ ڪرائيم رپورٽنگ جو وڏو نالو  ذوالفقار ٻگهيو لاڏاڻو ڪري ويو. ذوالفقار ٻگهيو کي  فجر مهل دل جو دورو پيو، وارث کيس مقامي اسپتال کڻائي ويا، جتي سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ذوالفقار ٻگهيو جو مڙهه گلشن حديد ۾ آندو ويو، جتان ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪاراڻي مڙهه منتقل ويو، اڄ اباڻي ڳوٺ ۾ تدفين ٿيندي، ذوالفقار ٻگهيو بهادر ۽ محنتي ڪرائيم رپورٽر هو، هن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس، 12 مئي واقعو، 18 آڪٽوبر بم ڌماڪي سميت دهشتگردي ۽ ٻين واقعن تي اهم رپورٽنگ ڪئي. سندس شمار بهترين ڪرائيم رپورٽرن ۾ ٿيندو هو.  ذوالفقار ٻگهيو پنهنجي پويان 4 سالن جو پُٽ ۽ بيواهه سوڳوار ڇڏيون آهن، ڪالهه گلشن حديد واري تڏي تي وڏي انگ ۾ صحافي پهتا،  هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه، تعليم واري وزير سردار شاهه، اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، ثقافت واري وزير ذوالفقار شاهه ذوالفقار ٻگهيو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ذوالفقار ٻگهيو جون صحافت لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.