ڪنڌڪوٽ: ددڙ پڪٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار عامر ڏهر جو چوڻ هو ته صبح جو ساڍا 5 جو ٽائيم هو ته موٽرسائيڪل سوار ڌاڙيلن حملو ڪيو، پڪٽ تي 8 جوان ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا هئا، پوليس پڪٽ تي حملي وقت ڪجهه جوان نماز پڙهي رهيا هئا ته ڪجهه چانهن تيار ڪري رهيا هئا. جوابي ڪارروائي ۾ ڌاڙيل خادم ڀيو جو وڏو ڀاءَ موالي ڀيو مارجي ويو. پوليس پڪٽ ددڙ تي اسان 8 پوليس جمعدار نثار ڪلهوڙو،پوليس اهلڪار الله ڏنو سبزوئي،اي ايس آءِ انور چنو،پوليس اهلڪار زاهد نصيراڻي،پوليس اهلڪار عامر ڏهر،پوليس اهلڪار هاشم جعفري،پوليس اهلڪار اسحاق سومرو،پوليس اهلڪار رفيق ڀيو ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا هئاسين.