صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ۾ 38 ڏينهن اڳ شهيد ٿي ويل صحافي اجي ڪمار لالواڻي ۽ انجي نياڻي سهانا لالواڻي جي پيدائش جي ڏينهن جي مناسبت سان صحافين پاران پريس ڪلب ۾ سالگرهه جو پروگرام منعقد ڪيو ويو ۽ شهيد صحافي جي نياڻي سهانا لالواڻي سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، سالگرهه پروگرام ۾ شهيد اجي لالواڻي جي پيءُ دليپ ڪمار ۽ ٻين وارثن سان گڏ صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافين علي گوهربهڻ، منير احمد مهر، نريش ڪمار، الهوڌايو مهر، غلام حسين ڀنڀرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته شهيد صحافي اجي ڪمار لالواڻي کي 38 ڏينهن اڳ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، 23 اپريل شهيد صحافي اجي لالواڻي ۽ سندس نياڻي سهانا جي پئدائش جو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن کي هو ڀرپور انداز سان ملهائيندو هو،جڏهن ته شهيد صحافي جي گهر ۾ به سندس نياڻي سهانا جي سالگرهه جو پروگرام سادگي سان منعقد ڪيو ويو .