شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ ٽانوري شاخ محلي جي رھواسي سوئي گيس جي انجنيئر نظير مغيري مٿان امن امان ۾ خلل وجهڻ ۽ عام ماڻهن کي حراسان ڪرڻ سميت ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس اي ايس آءِ ظھور پنھور جي فرياد ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته محرم الحرام جي حوالي سان پوليس پاران شھر ۾ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا، ان حوالي سان 19 ھين گريڊ جي انجنيئر نظير مغيري پاران شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي رستي ويندڙ عام ماڻهن مٿان فائرنگ ڪري حراسان ڪيو ويو، پوليس موجب منع ڪرڻ تي هن پوليس مٿان به فائرنگ ڪئي، بعد جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.