شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور شهر جي پي ٽي سي ڪالوني واسي مسيحي جوڙي نوجوان محمد صابر ۽ ناري نازيا مسيح عيسائيت ڇڏي اسلام قبول ڪري پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي، نوجوان محمد صابر ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پسند جي شادي تان گهر واري جا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين، جنهن ڪري حياتي کي خطرو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.