شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ اسلامي جمعيت طلباءِ نوابشاھ ڊويزن جو 3 ڏينهن واري تربيتي ڪئمپ پڄاڻي تي پھتي، تربيتي ڪئمپ ۾ سانگھڙ، نوابشاھ ۽ نوشھروفيروز جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تربيتي ڪئمپ ۾ شاگردن جا ليڪچرز، نوٽيس، اسپورٽس سميت ٻين شعبن ۾ مقابلا ڪرايا ويا، جنهن ۾ سانگهڙ جي شاگرد سمير کوکر سمورن شعبن ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، جڏهن ته عثمان غني، اصحاب ڪهف، حماد رسول ۽ ٻين به پوزيشنون ماڻيون. تربيتي ڪئمپ کي جماعت اسلامي جي امير محمد حسين محنتي، فيضان ڀٽي، ارشاد بخاري، رفيق منصوري ۽ ٻين خطاب ڪيو.