شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ پلاند ۾ قتل ڪيل ڳوٺاڻي جو چئن جوابدارن تي ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي، خبر موجب گذريل ڏينهن ٻرهوڻ روڊ تي قتل ڪيس ۾ ضمانت تي آزادي ماڻيندڙ شاهپورچاڪر واسي حسين بخش عرف ارباب ڪيريو کي ڏنڊا هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جو 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مقتول جي پٽ حضور بخش ڪيريو جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ سلطان ڪيريو، الاهي بخش ڪيريو، موسيٰ ڪيريو ۽ اعجاز ڪيريو کي جوابدار نامزد ڪيو آهي، ٻئي طرف ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس نامزد هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ذريعن موجب پوليس راڄوڻي ذريعي جوابدارن کي پيش پوڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.