شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھدادپور ۾ زرداري ٽالپر ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ مارجي ويل 2 ڄڻن جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس چڙهائي، ڳوٺ کي ڪڙو، ٽالپر ڌر جو پوليس خلاف احتجاج، 4 ڄڻا گرفتار، خبر موجب گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل غلام شبير زرداري ۽ مراد علي زرداري جو لُنڊو پوليس مقتولن جي ڀائٽي اسلم زرداري جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، فريادي موجب سڱاوتي تڪرار تان آصف ٽالپر، علي نواز ٽالپر، گل محمد عرف ڪماڻي ٽالپر ۽ غلام محمد عرف سُڪالو ٽالپر فائرنگ ڪري ٻن چاچن کي قتل ڪيو، هوڏانهن پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ مهر علي ٽالپر تي چڙھائي ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي رستا سيل ڪيا، پوليس چڙهائي دوران ڳوٺاڻن مک روڊ تي رڪاوٽون وجهي رستو بند ڪري سخت مزاحمت ڪئي، جنهن سبب پوليس هڪ ڪلو ميٽر پري بيٺل رهي، پوليس چڙھائي خلاف سوين عورتن ۽ مردن تنوير، قادر، منير، آچر، مسمات ڌياڻي، وزيران جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين دانهيو ته ناري کڻڻ واري معاملي تي پاڪ ڪتاب تي فيصلو ٿيڻ توڙي ناري جي واپسي بعد زرداري ڌر جي ماڻھن پلاند ۾ ذولفقار ٽالپر کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪيو، جنهن جا قاتل آزاد گهمي رهيا آهن، جن کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته پوليس ڳوٺ جي معزز ۽ هڪ استاد سميت چئن ڄڻن تي بنا جواز ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن الزام هنيو ته پوليس بااثر پ پ اڳواڻ ذوالفقار زرداري جي چرچ تي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، پوليس گهرن مان سامان کڻ يوئي ۽ چئن ڄڻن علي نواز، غلام رسول، يارو ۽ گلشير کي بنا جواز گرفتار ڪيو آهي، ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ سخت خوف هراس ڇانيل آهي، جنهن ڪري يهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، واضح رهي ته زرداري ڌر جي ناري اغوا معاملي بعد شروع ٿيل تڪرار ۾ 4 مهينن دوران 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.