شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور جي لکيدر ٿاڻي جي حد شاھي باغ ويجھو بيگاري واھ ڀرسان موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ گلزار جعفري پٽ پير بخش جعفري ٿڏي تي مارجي ويو ۽ سندس ساٿي نماڻو جعفري زخمي ٿي پيو، شاھي باغ پوليس چوڪي جي اھلڪارن لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي ڀاءُ بيگو جعفري ٻڌايو ته گلزار جعفري پنھنجي ڳوٺ اورنگ آباد کان شڪارپور وڃي رھيو ھو ته تاڙ ۾ بيٺل ھٿياربندن کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو، ڪنھن سان به دشمني ناھي، ڀاءُ کي بي ڏوھ قتل ڪيو ويو، ٻئي پاسي مقتول نوجوان جو مڙھ ضروري ڪارروائي بعد شڪارپور اسپتال مان وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش شڪارپور زيرو پوائنٽ وٽ رکي انڊس ھاءِ وي ڌرڻو هنيو ويو، سکر بلوچستان ۽ ڪشمور طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني لڳي رھيو  آھي، وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون.