شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب لکيدر ٿاڻي جي حد ۾ هاڪي اسٽيڊيم ويجهو پوليس جو جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ قربان ولد عنايت الله شيخ طور ٿي آهي. جوابدار جي قبضي مان ٽي ٽي پستول، ڦر ٿيل موبائل به پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. جوابدار ٻه ڏينهن اڳ شاھ دوست لهر نالي شخص کان موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، جنهن جو ڪيس ٿاڻي لکيدر تي داخل ٿيل آهي. زخمي جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب گرفتار جوابدار جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪري سندس جي خلاف وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي