چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ ٿاڻي جي حد چڪ سکر روڊ تان اغوا ٿيل هوٿي ڳوٺ واسي نوجوان عبدالله سولنگي بازياب ٿي گهر پهچي ويو.عبدالله سولنگي چيو ته زوهيب ڀٽي  جي اغوا کان پوءِ پوليس ڌاڙيلن جا مرد ۽ عورتون گرفتار ڪرڻ جي ردعمل ۾ مونکي اغوا ڪيو ويو.پوليس ڌاڙيلن جي گرفتار ڪيل مرد ۽ عورتن کي آزاد ڪيو، جنهن کانپوءِ ڌاڙيلن مونکي پاڻمرادو آزاد ڪيو ويو آھي.زوهيب ڀٽي جي بازيابي مقابلي جون خبرون ڪوڙيون آهن، پوليس آپريشن ناهي ٿيو،  مون ڪوبه ٺڪاءُ جو آواز ناهي ٻڌو، ڌاڙيلن زوهيب ڀٽي کي آزاد ڪرڻ بعد مونکي به ڇڏيو، پوليس سان ڪوبه مقابلو ناهي ٿيو.