شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ميونسپل انتظاميا جي نااھلي سبب شھر جي ڳڙھي ياسين موڙ واري علائقي دبئي سٽي ڪالوني ۾ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ميونسپل ملازم گٽر نالي ۾ ڪم دوارن ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏھن ته چار ڄڻا بيھوش ٿي ويا، خانچند آباد واسي خان محمد جوڻيجو پٽ حاجي ڪوڙل جوڻيجو ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته دائم مارفاڻي، وحيد جوڻيجو، ابراھيم جوڻيجو ۽ منظور ابڙو بيھوش ٿي ويا، فوتي ۽ بيھوش ملازمن کي شڪارپور جي آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي، بيھوش ملازمن کي طبي امداد ڏني وئي، جڏھن ته خان محمد جوڻيجو جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي خان محمد جي وارثن جو چوڻ هو ته بنا ڪنھن حفاظتي انتظامن جي مزدورن کي گٽر نالي جي مين ھول ۾ لاٿو ويو، ميونسپل انتظاميا مزدورن جي ڪابه مالڪي نه ڪئي. ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا جي لاپرواهي سبب اسان جو نوجوان فوت ٿيو آھي. ھنن گھر ڪئي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ياد رھي ته 3 ڏينھن اڳ ٺارپور پاڙي ۾ ٻارڙي عائشه چانڊيو گٽر  ۾ ڪري فوت ٿي وئي ھئي.