شڪارپور ضلعو جتي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي!

0
161
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

آزاد انور مهر چڪ مان لکي ٿو

سنڌ ۾ جتي سيارو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو آهي ۽ بهار جي آجيان پئي ٿي اتي سنڌ جي شڪارپور ضلعي  ۾ ڪَڻِڪَ جي لابارن کان به اڳ انساني ڳچين ۾ پوندڙ لاباري جي سيزن لڳي پئي آهي،  هر آئي ڏينهن ڪنهن عورت يا ڳڀرو جو لاش اسپتالن ۾ پوسٽ مارٽم لاءَ پهچي ٿو.اهڙي  هڪ خوفناڪ خبر ڪالهه کان ميڊيا جي زينت بڻيل هئي اها خبر به ان ساڳئي  شڪارپور ضلعي جي ئي آهي جتي پوليس انتظاميا جي دعويٰ موجب سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. گذريل ڏينهن ضلعي شڪارپور جي مدئجي واري  علائقي جي ڪچي جي حد ۾ ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري جي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ڌرين هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي  مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ سڏ پنڌ تي پوليس پڪٽون قائم هوندي اهلڪارن جي اکين سامهون سمورو علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، ڇتي فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا آهن  ۽ ڪيترائي زخمي آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ هي ليک لکڻ تائين مليل اطلاعن موجب ڌرين ۾ ڇتي فائرنگ هلندڙ هئي.

  شڪارپور ضلعي ۾ بي حسيءَ سبب الميو اهو آهي ته جيڪڏهن هڪ ڏينهن اها خبر ٿا پڙهون ته فلاڻين جهيڙيندڙ برادرين جو نبيرو ٿيو ۽ ٻئي ڌريون ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويون آهن ته ٻئي ڏينهن وري اها خبر پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ته معمولي ڳالهه تان جهيڙو گوليون لڳڻ سبب ٻه ماڻهو مارجي ويا، انهن جا نبيرا مس ٿين ٿا ته وري چئن پنجن هنڌ تان خوني جهيڙن جون خبرون ميڊيا معرفت ماڻهن تائين پهچن ٿيون جنهن جو تازو مثال اهو آهي ته شڪارپور ضلعي ۾ صرف گذريل هڪ هفتي دوران ٻن عورتن   سميت 19 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.

جنهن ۾ گذريل ڏينهن مدئجي جي ڪچي مارجي ويل 9 ڄڻن سميت رستم ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن تڪرار تان مارجي ويل ڳوٺ جمن جاگيراڻي واسي قربان جاگيراڻي، ڪارنهن الزام هيٺ ڳوٺ حوران شر واسي غلام قادر شر ۽ ضميران شر، چڪ لڳ دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ۾ عبدالله ملڪ، ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميانداد واسڻ عورت حاڪم زادي زال عظمت جکراڻي، شڪارپور جي ڳوٺ قابلو واسي صدرالدين راڄڙ، ميان صاحب سارنگ جتوئي ۽ رحيم آباد واسي جي يو آءِ اڳواڻ حنيف بروهي ۽ ٻيا شامل آهن، لاقانونيت جي اها سموري صورتحال صاف ٻڌائي پئي ته شڪارپور ۾ سڄو انتظامي ميڪنزم مفلوج ٿي ويو آهي.

چڪ کان لکي غلام شاهه ۽ رستم کان خانپور تائين، مدئجي کان ڊکڻ توڙي ڳڙهي ياسين کان شڪارپور تائين سموري ضلعي ۾ برادري جهيڙن ۾ لاش ڪرن ٿا ۽ جيڪڏهن انهن جهيڙن جا سبب ڳولڻ لاءِ غور ڪنداسين ته خبر پوندي آهي جهيڙا انتهائي وڏا ۽ خطرناڪ آهن پر انهن جا سبب اوترا ئي ننڍا ۽ معمولي آهن. بدقسمتيءَ سان اڄ به اسان وٽ خصيص مفاد ۽ پيسي جي لالچ جي ڪري ئي رت جي رشتن ۾ دشمنيون پاليون وينديون آهن. ڪٿي قرض جي ڏنل ڪجهه رپين خاطر ڪهاڙيون اڀيون ٿين ٿيون ڪٿي ٻارن جي ڳالهه تان بندوقون کڄن ٿيون ڪٿي مُڇَن کي تاءُ ڏئي ٽيڏي اک سان ڏسڻ تان ماڻهو مرن ٿا ته ڪٿي گهٽيءَ مان لنگهڻ تان گوليون مينهن وانگر وسن ٿيون، ننڍين ڳالهين تان شروع ٿيل ڇڪتاڻ انتظاميا جي عدم دلچسپيءَ سبب ڏسندي ئي ڏسندي وڏي خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي جهيڙن جا اهي معمولي سبب اهو ٻڌائين ٿا ته اسانجي سماج ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جو ڪيترو فقدان پيدا ٿي پيو آهي، جتي ماڻهو ڄڻ ته جهيڙن جا بهانا ڳوليندا پيا وتن.

لکي هجي يا مدئجي، ڳڙهي ياسين هجي يا خانپور سڌو سچ اهو آهي.

شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني ويڙها ويران پئي ڪري اهڙي حالت ۾ جتي انتظامي ادارا ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ جڏهن خلق خدا جو ادارن تان ويساهه کڄي ويندو آهي ته قانون جو احترام به گهٽجي ويندو آهي پوءِ ننڍين ڳالهين تان هلندڙ ڇڪتاڻ وڏن خوني جهيڙن جو روپ ڌاري وٺندي ۽ ماڻهو پاڻ مرادو معاملي کي نبيرڻ جا جتن ڪندي هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيندا آهن ۽ اها ڪا هڪ ڏينهن جي ڳالهه ڪونهي جو معمولي ڳالهين تان ننڍا جهيڙا خوني تڪرارن ۾ تبديل ٿين ۽ ڳڀرن جا لاش ڪرڻ ڄڻ  معمول بڻجي ويو آهي.

ان قسم جي صورتحال ڏانهن سرڪار کان وٺي عام ماڻهو جو جيڪو رويو ۽ رجحان آهي سوبه ايترو ئي خطرناڪ آهي جيترا خود قبيلائي جهيڙا خطرناڪ آهن اهو ان رجحان جو ئي نتيجو آهي جو شڪارپور پوليس اختياريون جهيڙن ۾ قتل واقعن کي معمول جي ڪارروائي سمجهي واقعن کي نظر انداز ڪري ٿيون ڇڏين. ٽي چار ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به قتل واقعن تي ڪارروائي يا جوابدارن جي گرفتاري ته پري جي ڳالهه پر ڪيس به داخل نٿو ڪيو وڃي تازو چار ڏينهن اڳ چڪ لڳ رستم ۽ دائم ملڪ ٿاڻن جي حدن ۾ ڌارڌار واقعن ۾ قتل ٿيل 4 خونن جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي، مقتولن جا وارث پوليس ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي نيٺ ميڊيا سان رجوع ڪن ٿا.

پوليس اختيارين پاران ٿيندڙ اها بي حسيءَ جي انتها آهي جو انسان جي قتل کي روٽين جي خبر سمجهي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻي ڪن مان ڪڍي ڇڏجي. شڪارپور ضلعي ۾ هاڻي ته ڪير جهيڙن ۾ مرندڙ ماڻهن جي موت تي ڇرڪ نٿو ڀري ڇو ته ماڻهن انهن خوني جهيڙن کي معمول سمجهي سوسائٽي جو حصو مڃي ورتو آهي.جڏهن ڪو مٿي ڦريو ماڻهو اختيارين جو ان طرف ڌيان ڇڪائي ته ان کي اتان اهو ئي جواب ملندو آهي ته “يار اهو روز جو ڪم آهي” اهو رجحان انڪري ڪري به آهي جو ضلعي اختياريون پنهنجي ذميواريءَ جي ان احساس کان آجيون آهن جيڪڏهن ڪٿي به ٻن ڌرين ۾ ڪنهن معاملي تي ڇڪتاڻ هلي ٿي ته پوليس اختياريون معاملي جي وچ ۾ پوڻ بدران انهن تر جي ڪنهن وڏيري جي جهول ۾ وڌو ويندو آهي.

شڪارپور ضلعي ۾ ته اهو تاثر عام ٿي ويو آهي ته برادري جهيڙن ۾ ڪارروائي پوليس نه پر انهن سمورن جو فيصلن جو اختيار تر جي  وڏيرن کي آهي. سنڌ مان جهيڙن جي پاڙ پٽڻ لاءِ سرڪار کي رڳو اعلانن بجاءِ عملي طور سنجيدگيءَ سان تعليم واري شعبي ۾ سيڙپ ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته تعليم ذريعي اها جاڳرتا پيدا ٿي سگهي ٿي ته خصيص مفاد کان انساني جانيون وڌيڪ قيمتي آهن. جڏهن سماج انهي شعور سان  پنهنجون پاڙو پختيون ڪري وٺندو ته پڪ سان جهيڙن جو شرح ٿيندا سان گهٽجي ويندو ۽ اسان شيخ اياز جي اها شڪارپور ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب وينداسين جنهن جو تعارف تڪرار نه پر امن سهپ هئا.